خدا بخش ابڙو

خدا بخش ابڙو

ابڙو خدا بخش

ابڙو خدا بخش: سنڌ جي ثقافت ۽ فنون لطيفه جو ھڪ اعليٰ آرٽسٽ/مصور، جنھن جو فن نه فقط سنڌ، پر پوري ملڪ لاءِ فخر آھي. پاڻ 12 اپريل 1957 ع تي ڄائو. ھيءُ مصور، انساني جذبن، احساسن ۽ تصورن جو اظھار پنھنجي فن وسيلي ڪرڻ جو ماھر آهي، ھن جي مصوريءَ ۾ رنگن جي نمايان ۽ وقتائتي شموليت قابل قدر وصف آھي. ھن آرٽسٽ مصور جون تصويرون ملڪ جي سڀني نمائشن ۾ شامل ٿينديون ۽ ڪاميابي حاصل ڪنديون رھيون آھن. ھن سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپجندڙ سوين ڪتابن جا سر ورق ڊزائن ڪيا آھن ۽ 1978ع ۾ نيشنل بڪ ڪائونسل طرفان اوارڊ به حاصل ڪيو آهي، ساڳيءَ طرح کيس 1979ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيندڙ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جي ڊسٽ ڪور جي تخليق تي اوارڊ ملي چڪو آھي. 1980ع ۾ ھن قومي سيمينار ۾، سنڌ صوبي جي نمائندگي ڪئي، ھن نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاھور ۾ ڪمرشل ڊيزائننگ جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. سندس شادي سنڌ جي نامياري شاعره عطيه دائود سان ٿيل آهي. سندس ٻار ’سونهن‘ ۽ ’سُهائي‘ ٻئي آرٽسٽ آهن. خدا بخش هن وقت روزاني انگريزي اخبار ’ڊان‘ سان لاڳاپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.04.12  عيسوي

ابڙو خدا بخش: سنڌ جي ثقافت ۽ فنون لطيفه جو ھڪ اعليٰ آرٽسٽ/مصور ، جنھن جو فن نه فقط سنڌ ، پر پوري ملڪ لاءِ فخر آھي . پاڻ 12 اپريل 1957 ع تي ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٺٽوي امين الدين خان حسين
جامي چانڊيو
شيخ ثناءُ الله
سيد نور شاهه
رحمت الله مخدوم صدر ٺٽوي
پاڻيڻي
قاسم پٿر
ديدار حسين شاهه رضوي:
سيد نذر محمد شاهه
ابوالقاسم نمڪين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون